مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي وابستگين باوجود سڄي ملڪ جي سياسي قي??دت جو مظفر آباد ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري دنيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري رهيو آهي پر ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جذبي کي ماٺو ناهي ڪري سگهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي مظفر آباد ۾ آز??د ڪشمير جي سياسي قي??دت سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آز??د ڪشمير جي سمورن مسئلن جو حل اسا?? ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين سان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سياست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آز??د ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آز??د ڪشمير جي وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر آباد آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آجيان ڪئي. آز??د ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم جي مظفر آباد امد تي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين جي دلين ۾ قدر کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قي??دت ۾ ان امر کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي تي ڪشميري عوام وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آز??د ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آز??د ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) آز??د ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.