اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم ش??يد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم ش??يد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ انساني حوصلن جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم ش??يد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي ??يغام ۾ هن چيو ته ميجر محمد اڪرم ش??يد 1971ع جي جنگ دو??ان اوڀر پاڪستان جي علائقي حلي جي ??حاذ تي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشمن جو عزم ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهن??ي شهادت ماڻي. هن چيو ته پوري قوم جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم ش??يد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي ??اءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.