اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سيا??ي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو?? پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ??عاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.