اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پ??ڪس??ان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پ??ڪس??ان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشا??ر کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر م??ڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ افغانستان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار مي??رڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ افغانستان مان پ??ڪس??ان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم افغانستان جي لاءِ ڀارت پاران 50 هزار مي??رڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پ??ڪس??ان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته علاج جي لاءِ ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي پ??ڪس??ان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت لاءِ پ??ڪس??اني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم افغانستان جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر م??ڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشا??ر کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پ??ڪس??ان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر م??ڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپ??ءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها افغان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر م??ڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم قومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو افغانستان جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.