اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، ??حت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، ??جلاس ۾ ٻڌايو ??يو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ??يو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، ??فاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئ??ڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو ص??ر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.