اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتي شعبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪري رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري معاهدن جي ذريعي مقامي واپارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صد?? لياقت علي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صد?? جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صد?? عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صد?? لياقت علي ملڪ صد?? کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي واپارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي منظوري تي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد سا?? ڳالهائيندي صد?? چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صد?? چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي زور ڏنو ته هو واپارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪ?? ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صد?? عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.