اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو ??هي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برا??ري تسليم ڪيو ??هي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن چيو ??ه آمريڪا ۽ عالمي برا??ري پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو ??هي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ??ن اعتماد جو اظهار ڪيو ??ه پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ??ه پاڪستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چيو ??ه پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چيو ??ه ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ??ه انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن چيو ??ه جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ??ه سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت هو.