دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ?? پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صور??حا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ?? چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ?? ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.