اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان اوور??يز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري اعتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوور??يز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان م??ي 2020ع جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوور??يز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تب??يل?? سان 2020ع جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.