اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بلاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان جو نقصان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ٿي رهيو آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صحافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پنهنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ٻڌائي ته س??ڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سم??ت صحافين تي حملن ۽ صحافين جي قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خ??موشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته س??ڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، انهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سن?? ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، بلاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سن?? جي عو??م کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سن?? تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سن?? جي عو??م جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سم??ت سن?? جي عو??م کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.