اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو ??روغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلا??ات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلا??ات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلا??ات واري وزارت ??ي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلا??ات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر ص??افين جي سهولت لاءِ اطلا??ات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلا??ات واري وزارت ????ص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو ??روغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.