اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه س??هي??? پروگرام اڄ جمعي تي توسيع جو اعلان ڪندو، وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پ??وگرام ۾ توسيع جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا. احساس پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي.
پروگرام جي تجربي کي هاڻي سگهه ڏئي وڌيڪ 7 شهرن ۾ وڌايو ويندو جنهن ۾ ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور به شامل آه??. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، سرڪاري ذريعن خميس ڏينهن ٻڌايو ته هن سال آڪٽوبر تائين ”احساس ڪير بکيو نه س??هي??? پروگرام کي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين توسيع ڏني ويندي جڏهن ته خوراڪ جي گاڏين جو تعداد 40 تائين پهچي ويندو. ”احساس ڪو به بکيو نه س??هي??? پروگرام جو مقصد مزدورن ۽ ڏهاڙي جي ڪم ڪندڙن ماڻهن کي مفت خوراڪ جي فراهمي آه??.
غريب طبقي کي مفت خوراڪ جي فراهمي سان کين پنهنجي روزاني جي ڪمائي بچائي ان کي پنهنجي گهرڀاتين تي خرچ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هڪ ٽرڪ جي ذريعي روزاني هڪ هزار کان ڏيڍ هزار مستحق ماڻهن کي مخصوص ماڳن تي خوراڪ فراهم ڪئي پ??ي وڃي. مستحق ماڻهن کي هفتي جا ست ڏينهن ۽ سال جا 365 ڏينهن ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ”احساس ڪو به بکيو نه س??هي??? پروگرام جون ٽرڪون باورچي خانا کاڌو پچائڻ جي محفوظ ساز ۽ سامان سان ليس آه??، ٽرڪ جي رڌڻي مان کاڌو تيار ڪري ان کي محفوظ طريقي سان مستحق ماڻهن ۾ ورهايو ويندو آه??.
لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ هن وقت تائين 8 لک 31 هزار 625 خوراڪ جا پيڪيٽ ورهائجي چڪا آه??. هلندڙ سال جي آغاز ۾ وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته سال 2021ع ۾ ”احساس ڪير بکيو نه س??هي??? پروگرام شروع ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ماڻهو بکيو نه سمهي، وزيراعظم عمران خان ان مقصد لاءِ 10 مارچ تي “احساس ڪير بکيو نه س??هي??? پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو جنهن جو مقصد، راولپنڊي، اسلام آباد جي گڏيل شهرن جي مستحق ماڻهن کي مفت کاڌي جي فراهمي هئي. ان تجر??ي جي بنياد تي هاڻي ان پروگرام جو دائره ٻين شهرن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، احساس پروگرام جي نگراني ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٽرڪن جي آپريشنز جي ذميداري پ??ڪستان بيت المال خوراڪ جي آه?? جڏهن ته سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ جي ذمي خوراڪ جي فراهمي آه??،
پروگرام کي سگهه ڏيڻ خاطر ماڻهن جي عطين لاءِ وزيراعظم ”احساس ڪير بکيو نه س??هي??? فنڊ قائم ڪيو ويو آه??، احساس ڪير بکيو نه سمهي پ??وگرام لاءِ عوام پنهنجا عطيا روڪ يا چيڪ جي ذريعي ڪمرشل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿي. عطيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن سڄي ملڪ جي 15 شهرن ۾ فيلڊ آفيسن ۾ به جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪنهن به ڪمرشل بئنڪ ۾ بئنڪن جي ويب سائيٽس تي ان حوالي سان ڏنل اڪائونٽس ۾ موڪلي سگهن ٿا، احساس پروگرام عطين لاءِ فنڊز جي مينيجمينٽ جو طريقيڪار پاورٽي ايلويشن اينڊ سوشل سيفٽي ڊويزن جوڙي رهيو آه?? ته جيئن فنڊز جي استعمال ۾ شفافيت رکي سگهجي.