اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي ??زير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري ??ٺن، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي ر??ورٽ ۾ ڪنهن کي ر??است مخالف ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر سياسي پارٽين کي پنهنجي پوليٽڪل ونگز ناهن هونديون جيڪي مختلف اشوز ??و مطالعو ڪري ??نهنجي ليڊرشپ کي اصل معاملو سمجهائي سگهن، رانا ثناءُ الله، خرم دستگير شاهد خاقان عباسي جهڙا ٽيڪنالاجي کان اڻڄاڻ ماڻهن جي تبصري ??ان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايتري ??علومات ناهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ج?? اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس کل جوڳي هئي. مسلم ليگ (ن) ج?? اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي ??زير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ونگ پنهنجي ر??ورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل 150 ٽرينڊز جو ڊيٽا فراهم ڪيو آهي، ان ٽرينڊز تي 37 لک ٽوئيٽس ڪيون ويون ۽ سوشل ميڊيا بيانيو جوڙيو ويو، ان بياني ۾ هندستان ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي ماڻهن حصو ورتو. هن چيو ته هندستان بوٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ??اڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪيا. چوڌري ??واد حسين چيو ته ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي اندر رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته هن وقت سينڪشن پاڪستان جو ٽرينڊ هلي ر??يو آهي، هاڻي ان ٽرينڊ ۾ حصو وٺي ڪو ان جي مخالفت ڪري ته ان ??و مطلب اهو ناهي ته اهو رياست مخالف سرگرمي آهي. وفاقي ??زير چيو ته پي ٽي ايم جي ميڊيا ونگ رياست مخالف سرگرمي جي طور تي ر??است مخالف ٽرينڊز ۾ حصو ورتو، ان باري ۾ ڊيٽا رپورٽ شامل آهي، پاڪستان جي عوام ان جو تجزيو ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته اصل معاملو اهو آهي ته پاڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪٿان کان ٿي ر??يا آهن، هن چيو ته پي ايم ايل اين جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري ??ٺن جيڪي ان طرح جي ر??ورٽس جو تجزيو ڪري کين ٻڌائي سگهن ته رپورٽ اصل ۾ آهي ڇا، هن چيو ته جنهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي سمجهه ناهي، اهي اسان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ سان رابطو ڪري سگهن ٿا، انهن جي ر??نمائي لاءِ هڪ سيل جوڙيو ويو آهي جتي انهن کي سمجهايو ويندو ته ڊجيٽل ميڊيا ڇا آهي.