اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت جو حق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تف??يل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وراثت ۾ زمين تي قبضو ۽ وراثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي وزيراع??م عمران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ر??ين??و بنا موقف ڄاڻڻ ج?? ان جي شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري اسان جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽ??ي ک?? ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن ر??ين??و آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اسان جو وراثتي حق مليو آهي، ان تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراع??م عمران خان جون ٿورائتيون آهيون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.