اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ذاتي انتقام جي لاءِ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو آهي، شهزاد اڪبر جي خلاف ٽئين درجي جا حربا استعمال ڪرڻ تي لاهو?? پوليس کي ايم پي اي نذير چوهاڻ جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهزاد اڪبر ڀرپور طريقي سا?? پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جيڪڏه?? رياست اهڙي طرح جي حملن کا?? پنهنجي آفيشلز جي حفاظت نه ڪري سگهي ته ڪم نه ٿي ڪري سگهي.