اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۽ حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن جي لاءِ هڪ صحتمنداڻي ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائين ڇو ته ان جو مڪمل ۽ ذميدار ڪردار هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن اها ڳالهه هم وومن ليڊرز ايوارڊز 2021ع جي ??قريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام هم نيٽ ورڪ ڪيو. هن چيو ته نئين پاڪستان جو قيام هڪ بدلجندڙ پاڪستان، ترقي پسند پاڪستان ۽ ڪامياب پاڪستان حاصل ڪرڻ صرف انهي وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن عورتون ذميداري سان پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪنديون. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، شفقت محمود، سفارتڪارن، مشهور شخصيتن، شوبز، ميڊيا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. اهو ڏينهن عورتن جي ??نساني حقن، ڇوڪرين جي ??عليم، هٿياربند فوج، پوليس سروسز، ماحولياتي تح??ظ، فائن آرٽس جي ??عبي ۾ انهن جي ڪردار جي ??عتراف ۾ پاڪستان آرمي جي ??رجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل گنار جوهر، نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي، مشهور صوفي گلوڪاره عابده پروين، انساني حقن جي ڪارڪن عائشه چندريگر، پشتون خاتون ڪارڪن تبسم عدنان، انساني حقن جي ڪارڪن حنا جيلاني، ??اه?? علم ۽ تاريخ عائشه ??لا??، ميڪ اپ آرٽسٽ مسرت مصباح، اردن جي ??هزادي ثروت الحسن، ڊي ايس پي شهزادي گلفام، ايڪواڊور جي ??ياستدانن ۽ عورتن جي ??قن جي ڪارڪن ماريه فلانڊا، ايس پي نورساگارسس کي ايوارڊ ڏنا ويا جڏهن ته ملڪ رفيق اعواڻ کي پنهنجي پنجن ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۽ سي ايس ايس جي ??متحانن جي لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ تي به ايوارڊ ڏنو ويو. ان جي ٻن پٽن پنهنجي والد کي ايوارڊ ڏنو. مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ کانسواءِ معاشري ۽ حڪومت کي گهرجي ??ه هو ان حد تائين انهن جي ??حفظ کي يقيني بڻائين ته جئين انهن کي ڪنهن به طرح حراسان نه ٿين ۽ پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته عورتن جي لا ڪوششون ڏهاڪن کان جاري آهن. هن فاطمه جناح، بيگم رانا لياقت علي خان جي فعال ڪردار جي ??ه واکاڻ ڪئي ۽ هم نيٽ ورڪ جي ??در سلطانه صديقي جي ??دمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.