اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو ??هي?? جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن ??هي??ن پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آهن، جيڪڏهن ماڻهو احتياط ڪن ته ڪورونا خلاف جن?? تيزي سان کٽي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.