اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو وزير کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ترميم ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. سي ڊي اي چيئرمين ڪابينا کي مارگلا روڊ اسلام آباد تي قبضن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. وز??را??ظم چيو ته ق??نون سڀني جي لاءِ برابر آهي. دفاع واري وزارت ان ڏس ۾ ڪابينا جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي سمورن ملازمن تي پاڪستان ايسينشل سروسز مينٽيننس ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ جي وڌيڪ 6 مهينن جي لاءِ منظوري ڏني.