اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ن??شنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ آءِ ٽي انتظامن جو جائزو ورتو، اين سي او سي انفارميشن ٽيڪنالاجي پاران کنيل انهن قدمن جو جائزو ورتو جن ۾ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ وائرس کي پکيڙڻ جي حوالي سان نگراني جي لاءِ سم??رٽ اپيليڪشنز وغيره شامل آهن، فورم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي ذريعي تيار ??يل اپيليڪشن جي صورتحال جي باري ۾ تفيصل سان ٻڌايو ويو.