دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ ا??هن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۽ ا??دادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ ا??ڙي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري صورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن ??دد ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي ??دد گهري رهيا هئا. هن چيو ته ??دد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي ??دد ڪري انهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.