اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذار?? رهيا آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿ?? رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏهاڙ?? جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگين ?? انهن جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ ب?? جي پي آر ايس ايس جي نمائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائ?? رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آباد?? جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر?? رهي آه?? جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي ??لي?? خلاف ورزي آهي.