اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس انتظاميه جي بدانتطامي جي خلاف تسلي بخش ڪارروائي ڪرڻ تي وفاقي ٽيڪس مح??سب جي ڪوششن کي ساراهيو. ٽيڪس بار شڪايت ڪندڙن جي لاءِ سهولتن جي بهتري جي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ ٽيڪس مح??سب مشتاق احمد سکيرا طرفان سال 2019?? جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ جي تقريب دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس مح??سب جي ٽيڪس ڏيندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ بنا معاوضي جي خدمتن، انهن کي باخبر رکڻ لاءِ روايتي ۽ ڊج??ٽل ميڊيا جي ڀرپور استعمال، ٽيڪس مح??سب جي ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ آن لائين شڪايت پورٽل جو قيام ۽ ٽيڪس مح??سب آفيس کي ڊج??ٽل بڻائڻ تي صدر اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن سهولتن جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدمن تي زور ڏنو.