اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 631 سمارٽ ??اڪ ڊائون موجود آهن، ٽيست، ٽريڪ ۽ ڪوارنٽئين (ٽي ٽي ڪيو) حڪمت عملي شروع ڪرڻ کانپوءِ هيستائين ٽيسٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي ??هي. منصوبابندي، ترقي، سڌا??ن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالفطر جي ايس او پي، ڪورونا وائرس جي صورتحال، ٽي ٽي ڪيو اپ ڊيٽ ?? مواصلات جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.