اسلام آباد – 06 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا کان متاثر خاندانن کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته رليف سرگرمين ?? فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن جي ڀ??پور شرڪت انتهائي حوصلي جوڳي آهي، پاڪستاني قوم مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ نه رڳو ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو پر انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي هم وطنن جي ڀ??پور مدد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??ري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪشمير آرفن رليف ٽرسٽ (ڪورٽ) جي چيئرمين چوڌري محمد اختر، روپاڻي فائونڊيشن جي ڪنسلٽنٽ صباح الدين ?? پاڪستان تحريڪ انصاف بوسٽن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ عاطف خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.