اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي ??هي ۽ کيس واپاري برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ناڻي واري صلاحڪار وزيراعظم کي ٺ??س معاشي اڳڀرائي ??ابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام جي مدد لاءِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خا?? طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊ?? تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.