اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي وبا جي خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ ڪرونا وائرس رليف فنڊ 2020ع ??ائ?? ڪيو ويو آهي، هر ??خص کي ان فنڊ ۾ عطيو ڏيڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سڀ ان فنڊ ۾ حصو وجهن ته جيئن انهن ماڻ??ن جي سارسنڀال ٿي سگهي جن کي لاڪ ڊائون بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجا قابل ٽيڪس عطيا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ڪراچي ۾ مرڪزي برانچ ۾ اڪائونٽ نمبر 4162786786 تي موڪلين، اڪائونٽ جي مڪمل تفصيل ۽ عطين جي منتقلي جي حوالي سان هدايتون www.nbp.com.pk/covidfund/index.aspx تي دستياب آهن.