اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڏاهپ واري قيادت ۾ حڪومت اسلوب حڪمراني جي نظام ۾ ٺوس سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، حڪومت اظهار ج?? آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، معاشري جي واچ ڊاگ هجڻ جي ناتي ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ ميڊيا کي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ جي لاءِ لازمي سمج??ون ٿا. هن اها ڳالهه جرمني جي عالمي نشرياتي اداري ڊوئچي ويلي جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽر ليمبورگ س??ن ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.