اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن و??ري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ج??ري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻي وارو وزير انجنيئر م??مد اسماعيل، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير م??املن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.