اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) ٽرائيڪا پلس افغانستان جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ افغان عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائيندي اعدال پسند ۽ دانش??ند??ڻي پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي ??اءِ طالبان سان عملي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب افغانستان جي صورتحال بابت پاڪستان، چين، روس ۽ آمريڪا تي ٻڌل توسيعي ٽرائيڪا جو اجلاس ٿيو. توسيعي ٽرائيڪا اجلاس جي ??وقعي تي طالبان جي سينيئر نمائندن سان ملاقات ڪئي. اجلاس جي ??ڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب ٽرائيڪا پلس افغانستان افغانستان جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ افغان عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. سلامتي ڪائونسل افغان بابت قراردادن جي ??اد ڏياري وئي، جنهن ۾ افغانستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جو احترام شامل آهي ۽ جيڪو دهشتگردي ۽ منشيات بابت ڏوهن کان پاڪ ۽ علائقائي استحڪام ۽ رابطن ۾ مددگار هجي. افغانستان ايندڙ ۽ اتان ويندڙ انهن سمورن ماڻهن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ بابت طالبان جي عزم جي آجيان ڪئي وئي ۽ سردين جي شروعات سان گڏ ئي سڄي ملڪ ۾ هوائي اڏن جي ??يام جي انتظامن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي حوصلا افزائي ڪئي وئي جيڪا واپاري ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ وهڪري کي فعال ڪرڻ جي ??اءِ ضروري آهي. طالبان تي زور ڏنو ويو ته اهي هم وطن افغانين سان گڏجي ??ڪ ٺوس ۽ نمائنده حڪومت جي جوڙجڪ جي ??اءِ قدم کڻن جيڪي سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان معاشري جي سمورن رخن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي شرڪت جي ??اءِ برابر حق فراهم ڪري. اعتدال پسند ۽ دانش??ند??ڻي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي ??اءِ طالبان سان عملي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جيڪي جلد کان جلد هڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي ??اءِ هر سطح تي تعليم تائين پهچ هڪ عالمي ذميواري آهي ۽ طالبان جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته اهي سڄي ملڪ ۾ تعليم تائين مڪمل ۽ برابر پهچ فراهم ڪرڻ جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪ??. ا??عانستا جي ??اءِ عالمي برادري پاران انساني امداد جي ??وري فراهمي جي آجيان ڪئي وئي ۽ اقتصادي تباهي جي ??شاندهي ڪئي وئي ۽ انساني بحران ۽ خطري جي ??ناهگيرن جي ??ئين لهر جي امڪانن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. طالبان کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي بحران کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ افغانستان ۾ انساني امداد جي ??راهمي لاءِ بشمول عورت ڪارڪنن جي بنا روڪ ٽوڪ انساني پهچ کي يقيني بڻائين. استحڪام ۽ هنگامي امداد جي ??راهمي جهڙن شعبن ۾ ڪوآرڊينيٽر طور گڏيل قومن جي عظيم ڪردار جي آجيان ڪئي. گڏيل قومن ۽ ان جي خصوصي ايجنسين تي زور ڏنو ويو ته اهي افغان عوام جي ??دد لاءِ عالمي برادري جي ??اعدن کي عملي جامعو پارائڻ جي ??اءِ پروگرام تيار ڪ??. ا??غانستان ۾ تازي دهشتگرد حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ طالبان کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي سمورن عالمي دهشتگرد گروپن سان لاڳاپا ختم ڪن، انهن کي فيصلائتي انداز ۾ ختم ڪن ۽ ملڪ جي اندر ڪم ڪندڙ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪن. ٽرائيڪا پنهنجي انهن اميدن کي ورجايو ته طالبان پنهنجي ??اڙيسرين، خطي جي ??ين ملڪن ۽ باقي دنيا جي خلاف دهشتگردن پاران افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي ??نهنجي عزم کي پورو ڪن. طالبان تي زور ڏنو ويو ته اهي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻو رويو اختيار ڪن ۽ بشمول عالمي قانون جي عالمي طور تي تسليم ٿيل اصولن ۽ بنيادي انساني حقن ۽ افغانستان ۾ غيرملڪي شهرين ۽ ادارن جي تحفظ ۽ جائز حقن جي تحفظ جي ??اءِ افغانستان جي عالمي ذميوارين جي ??اسداري ڪن.