اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت ??ان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت ??ان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت ا??ان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ا??ان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي ا??هن صفتن کي عام ڪرڻ جي ض??ور?? آهي، ج??هن کي اختيار ڪري ا??ان جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.