اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شموليت يقيني بڻائڻ سا?? مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو ٿيندو، دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي ب??اختيار بڻايو، عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران مالي شموليت (فنانشنل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي ب??نڪنگ پاليسي“ جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر جي گهرواريءَ ثمينه علوي، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، وفاقي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر سيمه ڪامل، مختلف بئنڪن جا سربراهه ۽ سي اي اوز، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ بئنڪن ۽ مالي ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ انهن کي ب??اختيار نٿو بڻائي سگهجي. دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي ب??اختيار بڻايو ۽ سوره نساءَ ۾ عورتن جي وراثت ۽ حقن جو تعين ڪيو ويو، انگلينڊ ۾ 20 هين صدي تائين عورتن کي وراثتي ۽ مالي حق نه مليا هئا، صدر چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ ترجيحن جو نئين سري سا?? تعين ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون انهن جو استحصال نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب اسان کي پنهنجي معاشري کي سمجهندي ان موجب قدم کڻڻا پوندا. صدر عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ جي حوالي سا?? اسٽيٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سا?? مختلف قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خوشي واري آهي ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سا?? تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، صدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو آهي ته ج??ستائين ڪنهن عورت جي نالي وراثت منتقل نه ٿيندي ان وقت تائين اها جائيداد ڪنهن کي ب??شي ۽ تحفي ۾ نٿي ڏئي سگهجي، صدر چيو ته عورتون حقيقي معنيٰ ۾ ان وقت بااختيار هونديون جڏهن پنهنجي مسئلن تي انهن کي اختيار هجي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون 2023ع تائين عورتن جي ب??نڪ اڪائونٽس جي تعداد ۾ اضافي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو آهي اهو خوش آئنده آهي، صدر تجويز پيش ڪئي ته ج??ڪڏهن احساس ڪيش پروگرام جي رقم عورتن جي رقم ۾ سڌو سنئون منتقل ڪئي وڃي ته ان سا?? عورتن جي ب??نڪ اڪائونٽس هدف کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافو ٻه اهڙا وڏا عمل آهن جيڪي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته مالي شموليت ج?? عمل سا?? جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون معاشري ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون عورتن لاءِ ننڍا قرض فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انهن قرضن سا?? عورتن جو گهربل تعداد فائدو نٿو وٺي سگهي، ان حوالي سا?? عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي غير سرڪاري تنظيمن ۽ عورت پارليامينٽرين کي ان سلسلي ۾ پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي هڪ خوبصورت معاشرو جوڙي سگهون ٿا. بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر مالي شموليت (فنانشل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي ب??نڪن پاليسي“ جا اهم نقطا واضح ڪيا ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پوئتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مالي خدمتن جي فراهمي سا?? گڏوگڏ عورتن جي مالي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.