اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست مل??ن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي ??عبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي م??اش?? انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان ص??ر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست مل??ن سان ڪاروبار ۽ واپاري تعاون جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي ??عبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ مل?? آهي، خطي جا مل?? ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي ??عبن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي م??اش?? انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي، دوست مل??ن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر دوست مل??ن سان بطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، م??اش?? ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.