اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه م??مو?? قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستا?? جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ??رڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن نات?? جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. شاه م??مو?? قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪستا?? جي نقطئه نظر ک??ن آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه م??مو?? قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستا?? جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو مقصد افغانستا?? جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙڻ آهي. تاجڪستا?? جي پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي افغانستا?? جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه م??مو?? قريشي جي تجويزن ۽ ڪوشش?? جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.