ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه ه?? مينيجنگ ڊا??ري??ٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائ??ند?? چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چي?? ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو و??ند?? آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چي?? ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.