اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو آه?? ته عوام کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آه??، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ا??پي??ر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آه??، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران ا??پي??ر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.