اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گلگت بلتستان قانونسازي اسيمبلي جي اسپيڪر ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين سيد امجد علي کي گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اداره جاتي تع??ون کي وڌيڪ بهتر بڻا??ڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان جي پارلياماني خدمتن بابت اداري ۽ گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ وڌا??ڻ تي غور ڪيو ويو.