اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ريڊيو پاڪست??ن پار??ن پشتو نغمن جي اي لائبريري جاري ڪرڻ کي ساراهيندي هدايت ڏني آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي سميت ٻي ڪلچر جي ٻولين جي موسيقي کي ڊجيٽلائيزڊ ڪري نئين نسل جي لاءِ محفوظ بڻ??يو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ان جي ورثي جي قدر ۾ لڪل آهي، پنهنجي وقت جي شاعري ان وقت جي بهترين عڪاس هوندي آهي. هو ريڊيو پاڪستان ۾ پشتو گانن جي لاءِ اي لائبريري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهد پروين، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ عبرين جان ۽ ريڊيو پاڪستان جا ٻيا عملدار به تقريب ۾ شريڪ هئا.