اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مث??ت اڳڀرائي کي ساراهيو آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراع??م عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مث??ت اڳڀرائي آه??، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ م??د ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به م??د ملندي، صدر چيو ته ان مث??ت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ م??د ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.