اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان مي??يا تي ڪنهن ??ه قسم جو دٻ??ءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمهوريت کي هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، مي??يا بابت مسئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شاهيره شاهد به ملاقات ۾ موجود هيون، وفد اطلاعات واري وزير کي مي??يا جي صنعت کي درپيش مسئلن کان تفصيلي آگاهه ڪيو.