اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته ڀارت سدائين پاڪستان کي سفارتي اڪيلائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ان کي ناڪامي ٿي، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪ??ڻ جي پاليسي ٺا??ي، ڏکڻ ايشيا جا سموراملڪ ڀارت جي توسيعي پسنداڻي ارادن جو شڪار آهن، چين سان حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبدي?? ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آ??ي، اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو آزمايل دوست آ??ي، راهداري جي ٻي مرحلي ۾ غربت جي خاتمي ۽ زرعي ترقي کي شامل ڪيو ويو، گڏيل مقصدن کي حاص?? ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. آفريقي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آ??ي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال ۾ قرضن ۾ رليف لاءِ عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو آ??ي، اڄ پوري دنيا افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪري ٿي، پوري دنيا افغان مسئلي جي سياسي حل کي ترجيح ڏئي رهي آ??ي، اميد آهي ته ان جا ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا، هر عالمي فورم تي پاڪستان ۽ ڪشمير جو موقف پيش ڪيو آ??ي، حڪومتي ڪوششن سان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آ??ي، وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اٿاريو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.