اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪ??بينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪ??ونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي ??تح??ڪ ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪ??ونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي ??تح??ڪ ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.