??سل??م آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته ??سل??مي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ بيان واکاڻ جوڳو آ??ي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آءِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آ??يان ڪريون ٿا، ??سل??مي ملڪن جي نمائنده تنظيم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آءِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي اصولي موقف جي اڻٽر حمايت واکاڻ جوڳي آهي.