اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت قبا??لي علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي بر??بر آڻڻ جي لاءِ ٺوس سڌارا آڻي رهي آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ فاٽا سڌارن تي ڏنل پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار نصير خان جنجوعه پڻ موجود هئا. صدر چيو ته فاٽا ۾ سڌا??ا قبا??لي عوام جي امنگن موجب هجڻ گهرجن. صدر چيو ته قبا??لي عوام محب وطن آهي ۽ هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.