اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آز??دي ڪنهن تي احسان نه آهي پر آئين جي بني??دي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار م??حول فراهم ڪرڻ اتح??دي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيرا??ظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي ??ڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي ??ڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چ??و ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي ??ڪل ڏينداسين. هن چ??و ته صحافت جي آز??دي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آز??دي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چ??و ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آز??دي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چ??و ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.