ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حا??ت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪي?? ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ م??رٽ?? ڪي?? ويندو. ان سلسلي ۾ عامر لياقت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حا??ت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪي?? ويو ، عامر لياقت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل ??ات عامر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آيو هو. ڊاڪٽر عامر لياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪي?? جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪي?? آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ م??رٽ?? رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.