انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار ??اب?? معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ ??اب?? گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪي جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ترڪي جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظ?? محمد شهباز شريف شين جي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻ??هي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ رابطي جي منصوبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻ??هي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻ??هي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪي جي واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار ??اب?? معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.