اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل انساني وسيلن کي فعال بڻائڻ ۽ هنرمند افرادي قوت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پاڪستان فري ??انسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو، صدر اهڙن خيالن جو اظهار فري ??انس فيسٽ کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فري ??انس ۾ نوجوان نسل لاءِ اڳتي وڌڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آءِ ٽي جي شعبي جي ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، صدر چيو ته دنيا ۾ فري ??انسرز جي تمام گهڻي ضرورت آهي، حڪومت کي فري ??انسرز جي لاءِ رقم جي وصولي جي حوالي سان پليٽ فارم مهيا ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ته انٽرنيٽ مڊل مين جي ڪردار کي ختم ڪري ??ڏيو آهي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي تي ڪو به ٽيڪس نه آهي، هن آءِ ٽي جي شعبي سان ڳنڍيل ماڻهن تي زور ڏنو ته هو ان شعبي مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي پاڪستان آڻين ۽ ان کي پنهنجي ڪاروبار ۾ سگهه ڏيڻ لاءِ استعمال ڪن. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نتيجا فوري طور تي برآمد ٿي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي انساني وسيلن کي فعال بڻايو وڃي ۽ ان جي اسڪل اسٽيٽس کي وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن چيو ته آءِ ٽي جي فري ??انس جي لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ بهترين موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، حڪومت کي انهن کي سهولت پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، صدر چيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي)، اسٽيٽ بئنڪ ۽ پي ٽي اي جو ان ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار آهي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري ??زارت ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ ۽ ان جي ترقي لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جو ڪم آهي ته هو پاڪستان ۾ فري ??انسنگ جي شعبي ۾ ترقي لاءِ رستن جو تعين ڪري، صدر نوجوانن کي چيو ته هو آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو هنر بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ فري ??انسنگ ۾ نوجوانن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا آهن ۽ پاڪستان فري ??انسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي مستقبل ۾ تمام گهڻو ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر نوجوانن کي چيو آهي ته هو آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو هنر بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ فري ??انسنگ ۾ نوجوانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا آهن ۽ پاڪستان فري ??انسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي مستقبل ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊجيٽل اسڪلز پروگرام به فري ??انسرز جي تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان پروگرام سان 6 مهينن ۾ 24 لک ماڻهو فائديمند ٿيا آهن، ان پروگرام ۾ مڊل کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين جي ماڻهن حصو ورتو ۽ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن ان امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، فري ??انسنگ سان ڳنڍيل ماڻهو پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر به روزگار ڪمائڻ جي به قابل ٿي ويندا آهن، پاڪستان ۾ رهندي ٻاهرين ملڪ ڪم ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته گهٽ تعليم يافته ماڻهو به آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند بڻجي روزگار ڪمائي سگهن ٿا. اسان جي عورتن لاءِ به بي پناهه موقعا آهن، ان شعبي ۾ هنرمند عورتون گهر ويٺي روزگار ڪمائي رهيو آهي، جنهن جي اسان حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، انٽرنيٽ جي ذريعي ليڊي ڊاڪٽرز عورتن کي گهر ويٺي مشورا ڏئي سگهن ٿيون ۽ دوائن جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿيون، فري ??انسنگ سيڪٽر عورتن لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ 47 ڪروڙ في لانسرز آهن، جنهن مان ساڍا 9 ڪروڙ رجسٽرڊ پليٽ فارمز تي موجود آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ تقريبن 30 لک فري ??انسرز آهن جنهن ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿيندو. هن آءِ ٽي جي وزارت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي آءِ ٽي جي وزارت ملڪ ۾ ان حوالي سان موقعا کوليا آهن، صدر جو مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپوٽنگ جو انيشي ايٽو به هڪ رستو آهي جنهن جي ذريعي فري ??انسنگ کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان هن وقت فري ??انسنگ جي حوالي سان چوٿين نمبر تي آهي، آءِ ٽي ۾ آمدني فوري طور تي شروع ٿيندي آهي، صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??زارت جو فري ??انسنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو