لاهور – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ معاشي مشڪلاتن جي موثر تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عمل?? تيار ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي س??تي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ب??ان موجب هن اها هدايت ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل خان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقع?? تي حبيب بئنڪ جو صدر محمد اورنگزيب، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ب?? موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف درپيش معاشي مشڪلاتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي س??ن حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عمل?? تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي س??تي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم بئنڪاري نظام کي عام ماڻهو جي معاشي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ آسان بڻائڻ تي زور ڏنو.