اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جو ڊرامو رچائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي منافي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کي ڀارت جي هڪ ٻ?? مايوس ڪندڙ ڪوشش قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد دنيا کي غلط طور تي اهو باور ??رائڻ آهي ته والاريل ??لائقي ۾ حالتون معمول تي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، جن ڀارتي وزيراعظم جي دوري کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو.