اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پارليا??ين?? ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پارليا??ين?? جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليا??ين?? هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار ق??م جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پارليا??ين?? ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آهن، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج او??ر باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آهن، بي اع??ما??ي رٿ ناڪام ٿيندي، ق??م جو اع??ما?? وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.